اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي ۽ مالي صورتحال تي ??الهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان تجويزن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وزيراعظم ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پڻ موجود هئا. صدر آصف علي زرداري چيو ته بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقن جو خاص خيال رکيو وڃي. صدر ۽ وزيراعظم ايندڙ بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن ت?? ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف صدر کي چين جي تازي دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر وزيراعظم کي ملڪي ترقي ۽ معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.