اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ازبڪستان جي پرڏيهي وز??ر بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ ص??ر ٻنه?? ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي ۽ سياحتي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موج?? ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته ازبڪستان سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڀائر ملڪ ازبڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪ ازبڪ لاڳاپا صديون پراڻا ۽ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن، ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان علائقائي رابطن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي، وچ ايشيائ?? ملڪ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻن. صدر پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي لاءِ بارٽر ٽريڊ، مقامي ڪرنسي جي استعمال، واپاري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنه?? ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ جون تجويزون ڏنيون. پرڏيهي وز??ر بختيار سيدوف جو ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، گڏيل حصيداري بهتر بڻائڻ جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، اميد آهي ته ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ ٽرانسپورٽ لنگهه سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وز??ر ازبڪستان جي صدر پاران صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.