اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يونيسيف ??ي وفد ملاقات ڪئي ۽ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف ??ي وچ ۾ دلچسپي جي اظهار ج?? دستاويز (ليٽر آف انٽينٽ) تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يونيسيف ??ي وفد پاڪستان ۾ يونيسيف جي نمائندي عبدالله اي فاضل جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مش??ود پڻ شريڪ هو. وفد وزيراعظم کي پي ايم يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف ??ي وچ ۾ پاڪستان ۾ نو??وانن جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافي جي حوالي سان حصيداري کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم يونيسيف جي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. بعد ۾ وزيراعظم پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف ??ي وچ ۾ گڏيل قومن جي جنريشن ان لميٽيڊ (جين يو) پروگرام جي حوالي سان دلچسپي جي اظهار ج?? دستاويز (ليٽر آف انٽينٽ) تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. دستاويز تي پي ايم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مش??ود ۽ يونيسيف جي پاڪستان ۾ نمائندي عبدالله اي فاضل وزيراعظم جي موجودگي ۾ صحيحون ڪيون. جنريشن ان لميٽيڊ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران 2018ع ۾ شروع ڪيو ويو جنهن جو مقصد نو??وانن کي تعليم، فني تربيت ۽ انٽر پرينيورشپ جي ذريعي باصلاحيت بڻائڻ ۽ شروعاتي تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان ڪم ڪرڻ آهي. جين يو پاڪستان ۾ پنهنجا مڪمل آپريشنز شروع ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو آهي جنهن ۾ نو??وانن بابت منصوبن ۾ 20 ملين جي شروعاتي سيڙپڪاري پڻ شامل آهي. ان دستاويز تي صحيحن سان نو??وانن کي تعليم ۽ تربيت جا ه?? جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. جين يو ۽ پي ايم يوٿ پروگرام ان حوالي سان آپريشنل اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تي گڏجي ڪم ڪندا.