اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان جي اعليٰ آڊٽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بهترين آڊٽ طريقا هڪ ٻئي سان شيئر ڪرڻ سان شفافيت ۽ مالياتي ا??تس??ب وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه آذر??ائ??جان جي چيمبر آف اڪائونٽس جي دوري تي آيل چيئرمين ووگر گل محمدوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پنهنجي وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان (اي جي پي) محمد اجمل گوندل ۽ اي جي پي جي عملدارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پبلڪ سيڪٽر اڪائونٽنگ سرڪاري ادارن جي مالياتي انتظام جو اهم جز آهي. هن چيو ته آڊٽ سرڪاري خرچن ۾ شفافيت ۽ جوابدهي جي لاءِ اهم آهي. چيئرمين چيمبر آف اڪائونٽس آف آذر??ائ??جان صدر کي ٻنهي ملڪن جي سپ??يم آڊٽ ادارن جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت بابت ٻڌايو. صدر چيو ته مفاهمت جي ياداشت سان پبلڪ سيڪٽر آڊيٽنگ جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيندو. هن آذر??ائ??جان جي سپ??يم آڊٽ اداري جو جائزو وٺڻ ۾ آڊيٽر جنرل جي ڪردار کي ساراهيو. چيمبر آف اڪائونٽس آف آذر??ائ??جان جي چيئرمين ووگر گل محمدوف صدر کي آذر??ائ??جان جي سپ??يم آڊٽ انسٽيٽيوشن ۽ سپ??يم آڊٽ انسٽيٽيوشن آف پاڪستان جي وچ ۾ پبلڪ اڪائونٽس جي جائزه مفاهمت جي ياداشت بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته ايم او يو سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان آذر??ائ??جان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان – آذر??ائ??جان لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخي ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻو پوندو. صدر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم ترقي جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان جي وچ ۾ تعاون خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ اهم آهي. صدر 7 فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ ٻيهر چونڊجڻ تي آذر??ائ??جان جي صدر الهام عليوف کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.