اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر لاءِ نامزد اميدوار سردار اياز صادق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان و??يراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. حڪومتي اتحادي پارٽين جي وفد اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ سردار اياز صادق، عليم خان، صادق سنجراڻي، يوسف رضا گيلاني، خورشيد شاهه ۽ خالد مگسي شامل هئا. ملاقات کانپوءِ سردار اياز صادق چيو ته حڪومتي اتحادين ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، ايم ڪيو ايم پاڪستان و??يراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ اڳتي سڀني کي گڏجي ??لڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، صدر ۽ س??ني?? چيئرمين جي ووٽ لاءِ به ايم ڪيو ايم وٽ وينداسين، مسلم ليگ (ن) جي ايم ڪيو ايم جي مقامي آئيني ترميم بابت مطالبي کي تسليم ڪيو ويو آهي، ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي پيپلزپارٽي ۽ ٻين اتحادي دوستن سان ويهي لائحه عمل ٺاهينداسين. هن چيو ته ماڻهن جي بهتري لاءِ س??ني?? ۽ قومي اسيمبلي ??و پليٽ فارم استعمال ڪنداسين، خالد مقبول صديقي چيو ته جمهوريت هڪ تسلسل سان اڳتي وڌي رهي آهي، جمهوريت جا ثمر عوام تائين پهچائڻ گهرجن جنهن لاءِ پاڪستان جي آئين جي مدد وٺن جي ڪوشش ڪئي آهي، پاڪستان جي آئين موجب عوام جي حقن لاءِ جڳهه ۽ گنجائش هجڻ گهرجي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) اسان جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو آهي ته اسان جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ نٿا چاهيون، جڏهن ته عوام جي شرڪت پاڪستان جي جمهوريت ۾ نه هوندي ته جمهوريت مضبوط نه ٿيندي، اسان و??عدو ڪيو آهي ته انشاءُ الله ووٽ ڏينداسين.