اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي جتي قانون جي حڪمراني آهي، ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ انارڪي پکڙجڻ نه ڏني ويندي، ڪجهه ماڻهو س??شل ميڊيا پليٽ فا??مز کي تشدد تي اتساهڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڪن??ن به صورت ۾ ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو ته س??شل ميڊيا پليٽ فا??مز پاڪستان ۾ بي بنياد، ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه پکيڙين، انهن پليٽ فا??مز پاران ان عمل کي نه روڪيو ويو ته رياست کي سخت قدم کڻڻا پوندا. وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خصوصي نمائندي حافظ طاهر اشرفي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 19 تحت اظهار راءِ جي آزادي لامحدود نه آهي پر قانون جي تابع آهي، ان تحت عدليه، هٿياربند فوج ۽ ڀائر ملڪن جي خلاف توهين آميز ڳالهه ٻولهه جي اجازت نه آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو س??شل ميڊيا پليٽ فا??مز کي تشدد تي اتساهڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن جيڪا قانون جي خلاف سرگرمي آهي، حڪومت اهڙي غيرقانوني سرگرمين جي خلاف قانون موجب ??خت ڪارروائي ڪندي. نگران وفاقي وزير چيو ته س??شل ميڊيا پليٽ فارم ان ذميواري کان آجا نٿا ٿي وڃن ته انهن جا پليٽ فارمز ڪن??ن ملڪ جي اندر امن امان کي خراب ڪرڻ ۽ ماڻهن کي تشدد تي اتساهڻ ۽ نفرت انگيزي جي لاءِ استعمال ٿين، س??شل ميڊيا پليٽ فا??مز ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر)، يوٽيوب، فيس بڪ کي پروپئگنڊه، ڪوڙ، سرڪاري آفيسرن جي ڪردارڪشيءَ ۽ هراسان ڪرڻ جي لاءِ مسلسل استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، لاڳاپيل ڪمپنين کي ان عمل کي ڪن??رول ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ڪن??ن به صورت ۾ ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو ته اهي پليٽ فا??مز پاڪستان ۾ بي بنياد، ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه پکيڙين، انهن پليٽ فا??مز پاران ان عمل کي نه روڪيو ويو ته رياست کي سخت قدم کڻڻا پوندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عدليه جي ڪن??ن به فيصلي جي خلاف قانوني نظرثاني جا ذريعا موجود آهن، ڪن??ن کي شڪايت آهي ته ان جي لاءِ نظرثاني جي درخواست ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته ڪن??ن کي به قانون کي هٿ ۾ کڻڻ ۽ ملڪي امن کي تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي جتي قانون جي حڪمراني آهي، ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ انارڪي ڦهلائڻ نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن غيرملڪين کي يقين ڏياريون ٿا ته اهي محفوظ آهن ۽ انهن جي سلامتي کي پاڪستان حڪومت يقيني بڻائيندي.