ڪراچي-08 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر اين اي 237 ۽ پي ايس 104 تي پنهنجو ووٽ گورنمينٽ بوائز سيڪنڊ??ي ??سڪول نمبر 2 بلاڪ 6 پي اي سي ايڇ ايس ۾ ڪاسٽ ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن پنهنجو جمهو??ي ??ق پورو ڪيو. سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي جا سمورا انتظام اثرائتي انداز ۾ ڪيا ويا آهن ۽ پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ جو عمل بهتر نموني سان جا??ي ??هيو. صوبي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته هنن چونڊ عملي کي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائڻ سميت سموريون ضرو??ي ??هولتون فراهم ڪيون ويون. هن پولنگ اسٽاف جي پولنگ اسٽيشنن تي نه پهچڻ واري معاملي کي مڪمل طور رد ڪندي چيو ته عملو پنهنجو فرض بهتر نموني سرانجام ڏنو. موبائيل سروس جي معطلي جي حوالي سان سنڌ جي نگران وڏي وزير واضح ڪيو ته اهو نگران وفاقي حڪومت جو ف??صلو هو ٿي سگهي ٿو ڪنهن مناسب سبب لاءِ اهڙو ف??صلو ڪيو هجي. سنڌ جي نگران وڏي وزير ڪمانڊ اينڊ ڪنٽر??ل سينٽر جو پڻ دورو ڪيو. سي سي ٽي وي ڪوريج ذ??يعي پولنگ جي عمل جو جائزو ورتو. نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار سنڌ جي وڏي وزير کي پولنگ عمل بابت بريفنگ ڏني. ان بعد نگران وڏي وزير سنڌ جي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار سان گڏ هيلي ڪاپٽر ذريعي پولنگ عمل جو هوائي معائنو پڻ ڪيو.