اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيم??لي?? جي 855 تڪن جي چونڊ نتيجن جي تيزيءَ سان پهچ لاءِ جدي?? ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪيو آهي، ڪنهن به خرابيءَ جي صورت ۾ متبادل ويب سائٽ به تيار ڪئي وئي آ??ي. اليڪشن ڪميشن ۾ آءِ ٽي ڊائريڪٽر محمد خضر عزيز ميڊيا کي ٻُڌايو ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اندر جدي?? ٽيڪنالاجيءَ سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪيو آهي جنهن سان ميڊيا کي 855 تڪن جا نتيجا بنا رڪاوٽ ۽ فوري جاري ڪري سگهبا. هن ٻُڌايو ته واٽس ايپ، اِي ميل ۽ فيڪس ذريعي چونڊ نتيجن جي ??صولي جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آ??ي. اليڪشن ڪميشن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ??تيجن جي ??هچ کي يقيني بنائڻ لاءِ متبادل ويب سائٽ به ٺاهي آ??ي. هن ٻُڌايو ته اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم انٽرنيٽ جي عدم دستيابيءَ تي ڪم ڪندو، اهو سسٽم اهڙن علائقن جتي ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا آهن اتي سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن سان ڳنڍيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته اي ايم ايس ٻن حصن تي ٻَڌل آهي جنهن ۾ شروعاتي طور تي پرزائيڊنگ آفيسر طرفان نتيجا فوٽو ذريعا ورتا ويندا جيڪو فارم 45 لاءِ آر او کي موڪليو ويندو، جيڪڏهن ڪٿي ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا پيدا ٿين ٿا ته اتي نتيجن جي ??هچ آف لائن ماڊيولز ذريعي ٿيندي. سمورن تڪن جي ??رزائيڊنگ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آ??ي ته اهي فارم 45 جي تصوير ٺاهين ۽ ان کي پنهنجي ??اڳاپيل آر او کي موڪلين، آر او اهي نتيجا فارم 47 تي داخل ڪري ميڊيا کي جاري ڪندو. هن چيو ته هر آر او جي آ??يس جي ??اهران نتيجا شيئر ڪرڻ لاءِ ميڊيا وال به بڻائي وئي آ??ي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي اليڪشن سٽي ۾ 5 ميڊيا والز بڻايا ويا آهن جتي قومي ۽ چئني صوبائي اسيم??لي?? جا نتيجا مسلسل اپ ڊيٽ ڪيا ويندا.