اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي شطرنج جي راند کي پاڪستان ۾ مقامي س??ح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ شطرنج جي مقبوليت لاءِ مقابلا منعقد ڪرڻ گهرجن ۽ شطرنج جي عالمي تنظيمن ۽ نجي شعبي س??ن حصيداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عالمي شطر??ج فيڊريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته شطرنج جي س??پرستي ۽ فروغ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي، شطرنج جا مقابلا منعقد ڪرڻ سان راند جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي ٿي. صدر ملڪ ۾ شطرنج سميت صحتمند سرگرمين کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته شطرنج جا ذهني ۽ تعليمي فائدا آهن، تعليمي نظام ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته شطرنج ذهني ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ ذهني صلاحيتون وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. وفد صدر کي دنيا ۾ شطرنج جي فروغ ۾ عالمي شطر??ج فيڊريشن جي ڪردار ??اب?? آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ شطرنج ??اب?? سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان ۾ ماڻهن جو وڏو انگ شطرنج جي راند کي پسند ڪري ٿو. وفد چيو ته شطرنج کي اسڪولن ۾ پرائمري س??ح تي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته شطرنج جا رانديگر شطرنج جي عالمي مقابلن ۾ آن لائين پڻ حصو وٺي سگهن ٿا. وفد ۾ عالمي شطر??ج فيڊريشن جو صدر ۽ روس جو اڳوڻو نائب وزيراعظم آرڪا ڊي ڊورڪووچ، ايشين شطر??ج فيڊريشن جو صدر ۽ گڏيل عرب امارات ۾ مرحوم صدر جو پٽ شيخ سلطان بن خليفه النهيان، عالمي شطر??ج فيڊريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊانا ريزنيز اوزولا، برطانوي شطرنج جي گرينڊ ماسٽر ڊاڪٽر نائجل شارٽ، ايشين شطر??ج فيڊريشن جو سيڪريٽري جنرل هشام الطاهر، پاڪستان شطر??ج فيڊريشن جو سرپرست اعليٰ جوهر سليم، عالمي شطر??ج فيڊريشن جا ميمبر، ايشين چيس فيڊريشن، پاڪستان شطر??ج فيڊريشن، اسلام آباد اسڪريبل ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان اسڪريبل ايسوسيئيشن جا ميمبر شامل هئا.