اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪم??شن چونڊن کي پُرامن رٿڻ ۽ فول پروف سيڪيورٽي لاءِ سول آرمڊ فورسز ۽ پاڪستاني فوج جي مقرريءَ لاءِ 19 نڪاتي ضابطه اخلاق جاري ڪري ڇڏيو. پاڪستاني فوج صرف نشاندهي ٿيل حساس پولنگ اسٽيشنن ٻاهران مقرر هوندي. سول آرمڊ فورسز بيلٽ پيپرز جي ڇپائي دوران پرنٽنگ پريس جي ح??اظت تي مقرر هوندي. چونڊ ??امان جي آر اوز جي آفيسن کان پولنگ اسٽيشنن تائين رسائي، ڳڻتي ۽ چونڊ ??مل مڪمل ٿي?? کان پوءِ چونڊ ??امان جي واپسي آر اوز جي آفيس تائين واپسي تائين سيڪيورٽي مهيا ڪندي. اليڪشن ڪم??شن طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق مطابق هٿياربند فوج پاڪستان آئين جي آرٽيڪل 245 ۽ پنهنجي مينڊيٽ جي حدن تحت پنهنجون ذميداريون ادا ڪندي اليڪشن ڪم??شن جي عام چونڊن جي رٿڻ ۾ ووٽرن کي محفوظ ماحول جي فراهمي، ووٽرن جي ح??اظت سان پولنگ اسٽيشنن تائين پهچڻ ۾ معاونت ڪندي. محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوليس پهرين درجي جي ذميداري، جڏهن ته سول آرمڊ فورسز ٻئين ۽ پاڪستاني فوج ٽئين درجي جي ذميدار هوندي. آئين جي آرٽيڪل 220، 245 ۽ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي سيڪشن 4 ۽ 5 ۽ چونڊ قانون 2017ع جي شق 193 ۽ سيڪشن 5 تحت پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا. هر آفيسر ۽ جي سي او اليڪشن ڪم??شن جي جاري ڪيل نوٽيفڪ??شن تحت پنهنجن اختيارن کي وقت سر استعمال ڪندو. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرز، رٽرننگ آفيسرز، پرزائيڊنگ آفيسرز ۽ پولنگ عملي کي پنهنجا فرض سٺن اخلاقن سان سرانجام ڏيڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز ۽ هٿياربند فوج محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪندي. چونڊ ??ابطه اخلاق مطابق چونڊ ??مل ۽ خاص طور تي ووٽنگ جي عمل دوران غير جانبدار رهندا ۽ ڪنهن به سياسي پارٽي يا اميدوار جي ح?? يا مخالفت ۾ ڪم نه ڪندا. غير قانوني صورتحال کي قانون مطابق ڏسندا. شڪي ووٽرز جي نشاندهي ڪندا ته جيئن پوليس جا اهلڪار اهڙن ووٽرن جي پولنگ اسٽ??شن جي حدن ۾ داخلا کان پهرين ان جي جامع تلاشي وٺن، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪوبه شخص پاڻ سان هٿيار يا ڌماڪيدار مادو يا منع ٿيل شيءِ پولنگ اسٽ??شن جي اندر نه کڻي وڃي سگهي. نشاندهي ڪيل حساس پولنگ اسٽ??شن ٻاهران خدمتون سرانجام ڏيندي خاص طور تي پُرامن ماحول کي برقرار رکڻ تي ڌيان ڏيندا. پولنگ اسٽ??شن ٻاهران ڪنهن به بي ضابطگي، بد انتظامي جنهن سبب امن امان جي صورتحال خراب هئڻ جو خدشو هجي، جو اطلاع پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پنهنجي اعليٰ آفيسرن کي ڏيندا ۽ جاري ڪيل هدايتن مطابق عمل ڪندا. جيڪڏهن پرزائيڊنگ آفيسر ڪنهن مبينه بي ضابطگي يا بد انتظامي ڪندڙ کي روڪڻ لاءِ ڪم نٿو ڪري ته سيڪيورٽي عملو فوري طور تي ان معاملي کي لاڳاپيل آر او جي نوٽيس ۾ آڻي. سمورن لاڳاپيل قانونن تي عمل ۽ چونڊ ??مل دوران امن امان ۽ محفوظ ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائيندا. بااختيار مبصر ۽ ميڊيا جي ماڻهن کي پولنگ اسٽ??شن ۾ داخل ٿي?? جي اجازت هوندي. ڪنهن به اهل ووٽر کي پولنگ اسٽ??شن ۾ داخل ٿي?? کان نٿو روڪي سگهجي جڏهن ته هٿيار يا ڌماڪيدار مادو يا اهڙن ماڻهن کي جيڪي ملڪي مفاد يا سلامتي خلاف ڪا حرڪت ڪندي ڏٺا وڃن انهن کي روڪڻ جي اجازت هوندي. بيلٽ پيپرز، ووٽر لسٽ، بيلٽ باڪس، فارم 45 ۽ 46 سميت ڪوبه چونڊ مواد پنهنجي قبضي ۾ ??ٿا وٺي سگهن. ڪنهن به اميدوار، چونڊ ??يجنٽ، پولنگ ايجنٽ، مبصر يا ميڊيا جي نمائندن سان ڪنهن به طرح جي بحث يا جهيڙي کان پاسو ڪندا. پرزائيڊنگ آفيسر، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر يا پولنگ آفيسر جي ڪم ۾ ڪنهن به طرح جي مداخلت نه ڪندا، پولنگ اسٽ??شن ٻاهر ڪنهن چونڊ ??ي قاعدگي جي الزام جو پاڻ جواب ڏيڻ بجاءِ ان معاملي کي پرزائيڊنگ آفيسر جي ڄاڻ ۾ آڻڻ گهرجي ۽ ان کان ضروري هدايتون وٺجن، جيڪڏهن پولنگ اسٽ??شن تي اهو سلسلو جاري رهي ٿو ته پنهنجي آفيسر کي فوري آگاهه ڪن ته جيئن فورن قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي. ڳڻپ جي عمل ۾ ڪنهن به طرح جي مداخلت نه ڪئي ويندي پر ڳڻپ جي عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽ??شن ٻاهر پنهنجي ڊيوٽي چڱيءَ ريت انجام ڏيندا ته جيئن ڳڻپ جو عمل پُرامن طريقي سان مڪمل ٿئي.