اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) ايران ۾ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿيندڙ 9 پاڪستانين جا لاش اڄ هوائي جهاز جي ذريعي پاڪستان پهچي ويندا. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان موجب 27 جنوري 2024ع تي ايران جي صوبي سيستان، بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ 9 پاڪستاني شهري فوت ٿي ويا هئا، انهن جا لاش اڄ تفتان بارڊر تان هوائي جهاز ذريعي ملتان پهچايا پيا وڃن. ترجمان چيو ته اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ انهن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، اسا?? جون همدرديون ۽ دعائ??ن پونئيرن سان گڏ آهن.