اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نئين دهلي ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن هلندڙ مهيني ڀارت جي هندو ياترين کي پنجاب ۾ ڪٽاس راج مندر جي دوري ۽ شاداني درٻار حيات پتافي، سنڌ ۾ ساليان?? تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ 166 ويزا جا??ي ڪيا آهن. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان هلندڙ مهيني بابا گرو نانڪ جي 544 هين جنم ڏينهن ج?? تقريبن جي موقعي تي ڀارت مان 3 هزار سک ياترين کي 25 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين پاڪستان اچڻ جي لاءِ ويزا پڻ جا??ي ڪيا. ترجمان چيو ته 1974ع جي مذهبي جاين جي دورن بابت پاڪ ڀارت پروٽوڪول تحت پاڪستان هر سال مختلف مذهبي ڏڻن ۽ موقعن ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت مان هزارين سک ياترين کي پاڪستان ?? آجيان ?? سهولت فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته زائرين کي ويزا جا??ي ڪرڻ پاڪستان جي مذهبي جاين جي دورن کي آسان بڻائڻ ۽ بين المذاهب هم ??هن??ي کي فروغ ڏيڻ جي عزم موجب آهي. ترجمان چيو ته هن سال پاڪستان ايندڙ ڀارتي زائرين کي 6824 ويزا جا??ي ڪيا ويا.