اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان کي 2023ع کان 2027ع تائين جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو ٻيهر ميمبر چونڊيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جو يونيسڪو جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر طو?? ٻيهر چونڊجڻ ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي پ??اڻي حمايت ۽ ان جي تعميري ڪردار جو ثبوت آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر طو?? پاڪستان يونيسڪو جو مينڊيٽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو ۽ پاليسي سازي، معيارن جي ترقي ۽ عالمي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ ۽ تنظيم جي پ??وگرامن سم??ت سرگرمين جي موثر نگراني ۾ پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته پاڪستان گهڻ رخي پ??جوش حامي طو?? سڀني خطن ۾ رابطا قائم ڪرڻ، ٺوس نتيجن ۽ زميني اثرن جي لاءِ اهم مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.