اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي ??يانگ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اڄ هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو، لي ڪي ??يانگ پاڪ چين اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو وڏو حامي هو، لي ڪي ??يانگ هڪ ويزنري اڳواڻ هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مون کي چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي ??يانگ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي انتهائي افسوس ٿيو، پاڪستاني عوام پاران لي ڪي ??يانگ جي خاندان، چيني عو??م ۽ قيادت سان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته مارچ 2020ع ۾ چين جي پنهنجي يڪجهتي جي دوري دوران مون کي بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ ساڻس ملڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، مون لي ڪي ??يانگ کي هڪ مخلص دوست ۽ اسان جي سدابهار دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرجوش ڏٺو.