اسلام آب??د – 03 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل دور ۾ هڪ نلڪو هڻي ان جي تشهير ڪئي ويندي رهي، اڳوڻي حڪومت مل?? کي معاشي بدحالي جو شڪار ڪيو، اڄ بالٽي، دٻي ۽ ڪنستر هڻي عدالت پيش ٿيندڙ عوام سان اکيون نه ٿو ملائي سگهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف 15 مهينن جي مختصر عرصي ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، معاشي بدحالي کي معاشي استحڪام ۾ بدلايو، بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبو ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي، ان منصوبي جي مڪمل ٿي?? سان ڪليات، ڪشمير ۽ مريءَ جا ماڻهو وزيراعظم کي سڄي عمر دعائون ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، حنيف عباسي، طارق فضل چوڌري، سي ڊي اي چيئرمين سميت ٻيا ??وج??د هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ اسان مل?? ۾ ترقي جو سفر ڇڏي ويا هئاسين، مل??ي معيشت 6.3 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي هئي ۽ جڏهن هاڻي 2022ع ۾ ٻيهر اقتدار ۾ آياسين ته مل?? معاشي بدحالي جو شڪار ٿي چڪو هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏنو ۽ معاشي بدحالي کي معاشي استحڪام ۾ بدلايو. هن چيو ته شهباز شريف جڏهن پنجاب جو وڏو وزير هو ته هن سڄي پنجاب ۾ روڊن جو ڄار وڇايو، اسپتالون ٺاهيون، يونيورسٽيون ٺاهيون، ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ته ان وقت اسان چوندا هئاسين ته اهڙو لينڊ اسڪيپ اسلام آب??د ۾ ڇو نه ٺهي سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو پنهنجي ڳوٺ ڀورڀن وڃڻ جي لاءِ انهي روڊ ذريعي گذرندي هئي، بهاره ڪهو جو رستو انتهائي مشڪل رستو هو، وزيراعظم اهو ڪم ڪيو آهي جنهن تي سڄي عمر ڪليات، ڪشمير، مري جا ماڻهو کيس دعائون ڏيندا رهندا، ان رستي تان مريض به گذرن ٿا، نوجوان ۽ مزدور به، هتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ايمبولنسون رڪيل هونديون هيون، شديد ٽريفڪ جام جا مسئلا هئا، مري وڃڻ جي لاءِ بهاره ڪهو جو رستو ڪنهن اذيت کان گهٽ نه هو، 10 مهينن جي مختصر مدي ۾ اهو منصوبو مڪمل ٿيو. هن چيو ته اسلام آب??د مريءَ ۽ لاڳاپيل علائقن مان انهي رستي سفر ڪندا آهن. وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جڏهن وزيراعظم هو ته هن سرينگر هاءِ وي، اسلام آب??د ايڪسپريس وي، مريءَ ايڪسپريس وي، ايئرپورٽ ٺاهيا، انهي تسلسل کي قائم رکندي وزيراعظم شهباز شريف اقتدار ۾ ايندي ئي پهرين 15 ڏينهن اندر بليو بس، اورينج بس ۽ ميٽرو بس سروس جي شروعات ڪئي، اڄ اسلام آب??د جي اندر ڪو اهڙو روٽ نه آهي جيڪو راولپنڊي، مريءَ ۽ اسلام آب??د کي پاڻ ۾ نه ڳنڍيندو هجي. اڄ ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس ذريعي آسان پهچ ??وج??د آهي. هن چيو ته اسلام آب??د جي هر شهري، هر شاگرد ۽ هر مزدور وٽ ميٽرو بس جي سهولت ۾ عزت واري سواري ??وج??د آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بالٽي، دٻو ۽ ڪنستر لڳائي عدالت ۾ پيش ٿيندڙ عوام سان اکيون نه ٿا ملائي سگهن، گذريل دور ۾ هڪ نلڪو هڻي مشهوري ڪئي ويندي هئي، انهن ماڻهن چئن سالن ۾ مل?? کي معاشي تباهي طرف ڌڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت 15 مهينن جي مختصر مدي ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچايو، پاڪستان جو ماس ٽرانزٽ سسٽم هجي يا ڪو ترقياتي منصوبو، اهي پاڪستان جي عوام لاءِ وزيراعظم جي نيت ۽ خدمت جون نشانيون آهن.