اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي نئ??ن اسلامي سال جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دُعا آهي ته هي نئ??ن سال پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جو سال هجي، سيدنا امام حسين رضه الله عنه ۽ سندس جانثار ساٿ??ن سچائي ۽ عدل ۽ انصاف جي اصولن کي برقرار رکڻ جي لاءِ لازوال قر??ان??ون ڏنيون. ڏاڍ جي خلاف سندن پختي يقين، جرئت، قر??ان?? ۽ لگن جو لازوال مثال آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هجري سال 1445هه جي شروعات تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته پوري قوم ۽ مسلمان امت کي منهنجي پاران نئ??ن اسلامي سال مبارڪ هجي. منهنجي اها دعا آهي ته هي نئ??ن سال پاڪستان ملڪ ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جو سال ثابت ٿئي. هن اها به دعا ڪئي ته هن نئ??ن سال ۾ پوري دنيا ۾ جتي جتي به مسلمان مصيبتن جو شڪار آهن انهن جي لاءِ الله رب العزت بي شمار آسانيون پيدا ڪري، ڪشمير ۽ فلسطين جي ماڻهن تي ڇانيل ظلم ۽ ڏاڍ جي اونداهي ختم ٿئي ۽ اتي امن ۽ آشتي جي صبح روشني اسان جي مسلمان ڀينرن ڀائرن جي زندگ?? ترقي ۽ خوشحالي سان روشن ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته نئ??ن اسلامي سال تاريخ جي انهن تلخ لمحن جي به ياد ڏياري ٿو جڏهن حق ۽ باطل جي معرڪي ۾ آل رسول ﷺ حضرت امام حسين رضه الله تعاليٰ عنه جي قيادت ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهندڙ دنيا تائين امر ٿي ويا. هن چيو ته سيدنا امام حسين رضه الله عنه ۽ سندس جانثار ساٿ??ن سچائي ۽ عدل ۽ انصاف جي اصولن کي برقرار رکڻ جي لاءِ لازوال قر??ان??ون ڏنيون، ڏاڍ جي خلاف انهن جي پختي يقين، جرئت، قر??ان?? ۽ لگن جو لازوال مثال آهي، هي واقعو اسان کي همدرديءَ، انصاف ۽ اتحاد جي انهن قدرن جي ياد ڏياري ٿو جيڪي اسان جي ايمان جو مرڪزي جز آهن ۽ اسان کي ناانصافي ۽ ڏاڍ جي خلاف بيهڻ ۽ هڪ اهڙي معاشري جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو درس ڏين ٿا جتي امن، هم آهنگي ۽ گڏيل احترام غالب هجي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اچو اسان وچن ??ري??ن ته اسان پنهنجي نبي محمد ﷺ۽ توهان جي صحابه پاران قائم ڪيل اعليٰ صفات جي تقليد ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اچو اسان پنهنجي اختلافن سان قطع نظر رواداري، افهام تفهيم ۽ هڪ ٻئي جي لاءِ احترام کي فروغ ڏيون، اچو هڪ اهڙي معاشري جي تعمير جي لاءِ ڪم ??ري??ن جيڪو سماجي انصاف، برابري ۽ همدرديءَ جي اصولن کي برقرار رکي. منهنجي اڄ جي ڏينهن رب جي آڏو اها دعا آهي ته جيئن هن ان هڪ سال جي گهٽ مدي ۾ پاڪستان جي لاءِ اسان جون محنتون ۽ رياضتون قبول ڪيون ۽ اسان جي معاشي مشڪلاتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ڪئي، ائين ئي هو پاڪستان کي سدائين جي لاءِ انهن مشڪلاتن مان ڪڍي، اسان جي پياري ملڪ ک?? ترقي ۽ معاشي خوشحالي جو گهرارو بڻائي، منهنجي اها به دعا آهي ته هي نئ??ن سال پاڪستان جي هر گهر ۾ برڪتون، امن ۽ خوشحالي آڻي ۽ اسان پنهنجي اختلافن کان مٿانهون ٿي هڪ قوم طور متحد ٿي وڃون ۽ پنهنجي پياري ملڪ جي روشن مستقبل جي لاءِ ڪم ??ري??ن، پاڪستان پائنده باد.