مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي)سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) چئن عالمي خابرو ايجنسين سان پنهنجي نوعيت جي پهرين شراڪتداري ذريعي ڪيترين ئي ٻولين ۾ هلندڙ سال حج سيزن 2023?? جي ڪوريج لاءِ تياريون مڪمل ڪيون آهن. پاڪستان، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ مصر جي ??ابرو ايجنسين سان شراڪتداري ذريعي ميڊيا ??ي پيغام پهچايا ويندا ۽ ميڊيا مواد ۾ نيون ٻوليون استعمال ڪيون وينديون.انڊونيشيا، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ??ابرو ايجنسين سان گڏوگڏ مڊل ايسٽ نيوز ايجنسي (ايم اي اين اي) سان شراڪتداري جو مقصد انهن جي ??رڪاري ويب سائيٽن ۽ انهن جي ميڊيا نيٽ ورڪ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن ذريعي اشاعت جي ??ائري کي وڌائڻ آهي، اها شراڪتداري ٻن مقدس مسجدن جي ??دمت ۽ مقدس هنڌن تي رهائش ۽ چر پر جي ??والي سان خدمتن جي ??هتري لاءِ سعودي مملڪت طرفان ڪيل ڪوششن تي به روشني وجهندي. ان شراڪت سان هر سال حج جي ??ڄي سيزن ۾ ايس پي اي طرفان فراهم ڪيل خبرن جي ڪوريج ۾ اضافو ٿيندو، ايس پي اي مڪي پاڪ ۽ ٻين مقدس هنڌن ۾ پنهنجي ميڊيا مرڪزن ذريعي پنهنجي ??المي شراڪتدارن کي ميڊيا ??دمتون فراهم ڪندي. سعودي پريس ايجنسي پوري توانائي ۽ فني تيارين سان ڪوريج جي ڪوششن جي ??مايت لاءِ هڪ گڏيل نيوز ايڊيٽنگ روم به قائم ڪيو آهي. اهي ڪوششون حج جي ??وحاني اجتماع کي اجاگر ڪرڻ ۽ اسلامي روايتن مطابق ميڊيا جي ??اندار ڪم کي پيش ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. عالمي خابرو ايجنسين سان شراڪتداري سعودي قيادت طرفان حاجين لاءِ مختلف ٽيڪنالاجيز جو استعمال ڪندي فراهم ڪيل آسان طريقيڪار کي اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏنل آهي. سعودي حڪومت هڪ مربوط نظام ۽ طريقيڪار مطابق حاجين کي سهولتون فراهم ڪندي آهي. اها شراڪت عالمي خابرو ايجنسين کي ايس پي اي سان پنهنجي ??هڪار ذريعي مواد ۽ پيغام جي ??والي سان هڪ نئون تجربو به فراهم ڪندي. ايس پي اي اهڙو قدم کڻڻ جي ??واهشمند آهي جيڪو گڏيل ميڊيا ورڪ لاءِ هڪ معياري مرحلي جي نمائندگي ڪندو هجي. نئين ٻولين ۾ شراڪتداري ذريعي ميڊيا پيغام ڀاشا، اردو، پشتو، سنڌي، بلوچي، ملائي، تامل ۽ هسپان??ي ٻولين ۾ اماڻيا ويندا. جنهن سان ايس پي اي طرفان فراهم ڪيل خدمتن کي تقويت ملندي. جڏهن ته ايس پي اي ان کان عربي، انگريزي، فرانسيسي، روسي، چيني ۽ فارسي ميڊيا مواد پيش ڪري رهي آهي.