پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايس پي پلس جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي ڪميشن جي سربراهه ارسولا وان ڊيرليين سان ملاقات ڪئي، ??نه?? اڳواڻن ۾ ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم هلندڙ سال 9 جنوري ي جنيوا ۾ منعقد ”ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس“ ۾ شرڪ?? تي يورپي ڪميشن جي سربراهه جا ٿورا مڃيا. هن يورپي ادارن سان گڏجي ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي رابطن جي آجيان ڪندي يورپي ڪميشن جي سربراهه کي پاڪستان جو دور?? ڪرڻ جي دعوت ڏني. جي ايس پي پلس جي اهميت جو حوالو ڏ??ند?? وزيراعظم ان جي ٽري?? تي هجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. يورپي ڪميشن جي صدر 2022ع جي ٻوڏ کان بحالي جي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. هن جي ايس پي پلس سميت يورپي يونين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جاري تعاون جي سطح کي ساراهيو.