اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي ترقياتي منصوبا شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندڙن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين وا??ي وفاقي وز??ر ساجد حسين طوري، قومي اسيمبلي ميمبرن محسن داوڙ ۽ محمد جمال الدين شامل هئا. ملاقات ۾ ناڻي وا??و وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، منصوبابندي وا??و وفاقي وز??ر احسن اقبال ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وز??راعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن وز??راعظم کي بجيٽ جي حوالي سان خيبرپختونخواهه صوبي جي ضم ٿيل ضلعن جي مسلئن جي حل لاءِ قدمن ۽ ترقياتي منصوبن تي تجويزون ڏنيون. وز??راعظم انهن تجويزن جي آجيان ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ان تي مشاورت ڪري انهن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.