اسلام آباد – 05 – جون (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽس يوني??رس??ي پاران داخلا ملتوي ڪرڻ جي خلاف شا??رد جي اپيل منظور ڪندي يوني??رس??ي کي شا??رد کي ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪامسٽس يوني??رس??ي شا??رد کي ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏي. يوني??رس??ي 7 سيمسٽر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شا??رد جي داخلا ملتوي ڪري ڇڏي هئي. تفصيل موجب حماد بن زين جي داخلا 2017ع ۾ گهٽ نمبر حاصل ڪرڻ جي بنياد تي ساڍا 3 سالن کانپوءِ ملتوي ڪئي وئي. صدر چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته يوني??رس??ي ايتري وڏي غلطي ڪئي، حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ساڍا 3 سالن کانپوءِ شا??رد کي ٻڌايو ته هو داخلا جو اهل نه آهي. صدر چيو ته شا??رد 8 سيمسٽرن جي فيس ادا ڪئي ۽ 7 سيمسٽر مڪمل ڪيا، شا??رد جي غلطي نه هجڻ جي باوجود ان جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انصاف جي گهرج آهي ته شا??رد کي ڊگري پروگرام مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. تفصيل موجب حماد بن زين (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب کي ڪامسٽس جي خلاف شڪايت داخل ڪرائي هئي، شا??رد موقف اختيار ڪيو ته اهليت جو معيار جانچڻ يوني??رس??ي جي ذميواري آهي. شا??رد جو موقف هو ته جيڪڏهن هو گهربل معيار تي پورو نه لهندو هو ته 2017ع ۾ ان کي داخلا ئي نه ڏيڻ گهرجي ها. وفاقي محتسب يوني??رس??ي کي رڳو معاملي جي انڪوائري ڪرڻ ۽ قصوروار اهلڪارن کي غلفت جو ذميوار قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ريليف نه ملڻ تي شا??رد وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جنهن تي صدر شا??رد جي اپيل منظور ڪندي وفاقي محتسب جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته شا??رد پنهنجي ڊگري پروگرام جا ساڍا 3 سال مڪمل ڪري چڪو آهي، شا??رد تي غلط بياني جو ڪو الزام نه آهي، ان کي يوني??رس??ي انتظاميا جي غفلت جو خميازو ڀوڳڻ نه گهرجي، داخلا ملتوي ٿيڻ سان شا??رد جو وقت، پئسو ۽ محنت ضايع ٿيندي. هن چيو ته يوني??رس??ي حماد بن زين جي داخلا بحال ڪري، محتسب کي تعميل جي رپورٽ ڏي.