اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) پا??ستان ۽ چين علائقائي امن ۽ خوشحالي جي فروغ ۽ ٻاهرئين چئلينجن کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ڌرين ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ گهرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي ملڪن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفي مٽاسٽا، عوامي رابطن ۽ ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. اهو ورجاءُ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پا??ستان جي دوري تي آيل عوامي جمهوريه چين جي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير چن گيانگ جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ملاقات ۾ پرڏيهي م??املن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ۽ پا??ستان ۽ چين جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چين جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پا?? چين لاڳاپا گڏيل اعتماد، افهام تفهيم ۽ خيرسگالي تي ٻڌل آهن ۽ ٻئي ملڪ بنيادي م??املن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته پا??ستان ۽ چين جو گڏيل تعاون علائقائي ۽ عالمي م??املن ۾ ٿيندڙ نئين اڳڀرائي جي روشني ۾ وڌيڪ اهميت اختيار ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته پا??ستان، پا?? چين اق??صادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ گوادر بندرگاهه کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اهو علائقائي واپار ۽ رابطن کي وڌائڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پا??ستان سي پيڪ جي م??تلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني ڪارڪنن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تازو ئي دره خنجراب جي ٻيهر کلڻ سان سنڪيانگ ۽ گوادر جي وچ ۾ شين جي چرپر ۾ آساني ٿيندي. صدر اق??صادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته چيني سيڙپڪارن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ خاص طور تي پا??ستان جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي – 20 سمٽ جي تقريبن جي م??وزه انعقاد تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان کي زميني حقيقتن ۽ ڪشمير ۾ ان جي ظلمن تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڀارتي ڪوشش قرار ڏنو. هن چيو ته پا??ستان چين جي سمورن بنيادي م??املن بشمول ون چائنا پاليسي، تائيوان، تبت، سنڪيانگ، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي چين جي حمايت ڪري ٿو. هن پا??ستان ۾ گذريل سال جي ٻوڏ ۽ ڪورونا دوران چين پاران فراهم ڪيل تعاون کي پڻ ساراهيو. چين جي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير چن گيانگ چيو ته چين ۽ پا??ستان جي دوستي سدا بهار آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ”جبل وانگر مضبوط“ آهي. هن چيو ته تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي حالتن جي ڏس ۾ پا??ستان ۽ چين کي اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي تزويراتي اهميت جي منصوبن تي تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڏنو. چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين پا??ستان جي م??اشي م??ڪلاتن کان ??ڱي ريت آگاهه آهي ۽ پا??ستان جي م??د ڪرڻ چين جي ترجيح آهي. هن چيو ته چين پا??ستاني شاگردن کي چيني تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو. هن صدر جا ڪورونا دوران چين جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ مارچ 2020ع ۾ چين جو دورو ڪرڻ تي پڻ ٿورا مڃيا.