اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته عمرا?? نيازي کي ڌانڌلي سان وزيراعظم بڻايو ويو هو، ان کي آڻيندڙن جو مقصد سڀني کي چور ڌاڙيل قرار ڏيارڻ هو، عمرا?? نيازي کي 10 سالن تائين مڙهي رکڻ جو منصوبو هو، پي ٽي آءِ قيادت ملڪ کي تباه?? جي ور چاڙهيو، عمرا?? نياز?? جي خلاف ڪيسن کي ناممڪن قرار ڏنو ويو، جيڪڏهن عمران خان بي ايمان ۽ بدديانت نه آه?? ته عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري، ٻٽي معيار سان انصاف جو جنازو نڪري ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عمران خا?? نيازي ڪوڙي پروپئگنڊه سان قوم کي ورڇ ڪيو ۽ هر جڳهه زهر پکيڙيو، عمرا?? نيازي آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، اسان پاڪستان جي سفارتي محاذ تي دنيا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاء?? قدم کنيا، حڪومت ورثي ۾ ملندڙ مسئلن ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، مل?? انتهائي مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، آئيني طريقي سان چونڊيل اسان جي حڪومت کي آمريڪي سازش قرار ڏنو ويو، عمران خان ۽ ان جا حواري بي شرمي سان ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اربين رپين جي ڪرپشن تي ڪنهن جواب نه گهريو بلڪه مالم جبه، بلين ٽري سونامي ۽ بي آر ٽي جهڙن ڪرپشن جي ڪيسز ۾ انهن کي ڪلين چٽ ڏني وئي ۽ انهن ڪيسن کي ناممڪن قرار ڏنو ويو جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پاناما جي ڊرامي ۽ اقام?? جي بي ڍنگي ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي، هن پنهنجي ڌيءَ سان گڏ عدالتن کي منهن ڏنو، آصف علي زردار?? جي ڀيڻ کي چنڊ رات تي اسپتال مان کڻي گرفتار ڪيو ويو، اڄ نيب جي غبن ۽ ڪرپشن جي ڪيس ۾ عدليه عمران خان جي لاءِ شيه?? جي ديوار بڻجي وئي جڏهن ته اسان جا ڪيس لٽڪايا ويندا هئا، سال سال تائين ضمانت جي درخواست نه ٻڌي ويندي هئي، ڪالهه عدالت جي ريمارڪس تي حيرت ٿي، ڪاش فريال ٽالپر، مريم نواز ۽ اسان کي به عدالتن ۾ ڏسي چيو وڃي ها ته توهان کي ڏسي تمام سٺو لڳو، عام ماڻهن جا ڪيس عدالتن ۾ سالن جا سال لٽڪيل رهن ٿا، اسان صبر سان سمورن ڪيسن کي عدالتن ۾ منهن ڏنو. وزيراعظم چيو ته عمرا?? نيازي جو مقصد آءِ ايم ايف ڊيل کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان کي معاشي طور تي تباهه ڪرڻ هو، نيب نيازي ڳٺ جوڙ سيڙپڪارن کي ڀڄائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته عمرا?? نيازي حساس ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا، جيڪڏهن عمران خان بي ايمان ۽ بدديانت نه آه?? ته عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري.