اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عالمي برادري کي موسمياتي تباهي، ڪورونا وبا، سخت مع??شي حالتن ۽ وڌندڙ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏي??ي وزارت ۾ سفارتي ڪور جي اعزاز ۾ ڏنل بين المذاهب افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. افطار ڊنر ۾ اسلام آباد ۾ رهندڙ سفيرن، هاءِ ڪمشنرز ۽ مختلف ملڪن جي مشنز جي سربراهن شرڪت ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم س??ني??ر سيد يوسف رضا گيلاني، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان، وفاقي وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن پڻ افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪئي. ان موقع?? تي خطاب ڪندي پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري مهمانن کي رمضان المبارڪ جي برڪتن واري مهيني جي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي تباهين جي سنگين نتيجن ۽ ڪورونا وبا جي ڏس ۾ مع??شي چئلينجز درپيش آهن. پرڏي??ي وزير چيو ته حڪومت وٽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جو اهم ڪم آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان کي گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ مع??شي مشڪلاتن سان گڏوگڏ ٻوڏ سٽيلن جي مڪمل بحالي جو وڏو چئلينج درپيش آهي، حڪومت جي اولين ترجيح غريبن ۽ مع??شي طور تي ڪمزور طبقن جي حالت کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته ملڪ هن وقت مشڪل مع??شي حالتن مان گذري رهيو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) تحت مستحقين کي ريليف فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري پاڪستان سميت مختلف ملڪن کي مع??شي مسئلا درپيش رهيا، پاڪستان کي به ٻين ملڪن وانگر مختلف چئلينجز درپيش آهن. پرڏي??ي وزير تازي ٻوڏ دوران پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. ان موقع?? تي پاڪستان ۾ ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڊين عطا جان مولاموف پڻ خطاب ڪيو. هن پنهنجي خطاب ۾ عالمي امن ۽ هم آهنگي جي لاءِ بين المذاهب رابطي جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته يورپي يونين پاڪستان کي هاءِ رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍيو آهي جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي. هن رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي موقع?? تي پاڪستان جي عوام ۽ شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني. سفارتي ڪور جي ميمبرن بين المذاهب هم آهنگي جي تصور سان افطار ڊنر منعقد ڪرڻ تي پرڏي??ي وزارت جي قدم کي ساراهيو. افطار ڊنر ۾ پرڏي??ي وزارت جي سينيئر آفيسرن ۽ ٻين اهم شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.