اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزا??ت جي سائبر ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عاصم قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اضافي ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. اي پي پي جي هيڊ آفيس اچڻ تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽرن ۽ اداري جي ملازمن سندس شاندار آجيان ڪئي. محمد عاصم (بي ايس 20) انفارميشن گروپ جي 26 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جو آفيسر آهي. 21 سالن تي ٻڌل سندس پيشيواراڻو ڪيريئر وسيع تجربو رکندڙ آهي. هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، سائبر ونگ، وزيراعظم هائوس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ڪيپيٽل ڊي??لپمينٽ اٿارٽي ۾ خدمتون ??را??جام ڏنيون آهن. هو ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان پڻ فرض ??را??جام ڏئي چڪو آهي.