اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ٽيليويزن، فلم، ريڊيو ۽ اسٽيج جي ن??ليواري اداڪار قوي خان جي ل??ڏاڻي تي گهري افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف مرحوم جي درجن جي بلندي جي ل??ءِ دعا ڪئي ۽ ان جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چي?? ته قوي خان جي ل??ڏاڻي سان پاڪستان هڪ ليجينڊ اداڪار کان محروم ٿي ويو. قوي خان هڪ اڪيڊمي جي حيثيت رکندو هو، ان جهڙو اداڪار صدين ۾ پيدا ٿيندو آهي. قوي خان ريڊيو پاڪستان پشاور کان چائلڊ اسٽار طور ڪم شروع ڪيو، جيڪو ان جي فطري ٽيلينٽ جو ثبوت آهي. هن چي?? ته قوي خان ورسٽائل اداڪار هو، جنهن هر طرح جو ڪردار بهتر طور تي ادا ڪيو ۽ ان جي اداڪاري حقيقت جي ويجهو ۽ قدرتي هئي. هو پاڪستان ٽيليويزن جي ان شروعاتي اداڪارن مان هو جن پاڪستان ٽيليويزن ڊرامن جو بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ”لاکهون مين تين“ ۽ ”انڌيرا اجالا“ ۾ سندس اداڪاري عوام جي ذهنن تي اڄ به زندهه آهي. وزيراعظم چي?? ته تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره امتياز جي اعزاز قوي خان جي فنڪاراڻي صلاحيتن جو رياستي سطح ت?? اعتراف آهي. پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جا ناظرين سندس کوٽ سدائين محسوس ڪندا رهندا. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.