اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان هيگ ۾ ا?? پي سي ڊبليو جي هيڊڪوارٽر ۾ ڪيميائي هٿيارن جي خاتمي بابت تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل سفير فرنينڊو ايرياس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پ??ڪستان ۽ ا?? پي سي ڊبليو جي وچ ۾ جاري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ا?? پي سي ڊبليو جي ڊائريڪٽر جنرل فرنينڊو ايرياس ايگزيڪيوٽو ??ائ??نسل جي ميمبر طور ڪردار ۽ صلاحيت سازي جي مختلف پروگرامن ۾ پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. پاڪستان پنهنجي صلاحيت سازي جي پروگرام ۽ سڄي دنيا مان شرڪت ڪندڙن جي لاءِ عالمي تربيتي ڪورسز جي ذريعي پاڪستان ا?? پي سي ڊبليو جي ڪم ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن کي ??اڳو ڪرڻ ۾ فعال طور تي تعاون ڪري رهيو آهي. پرڏيهي سيڪريٽري ا?? پي سي ڊبليو پاران ڪيل ڪم کي ساراهيو ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ??رجايو. هن چيو ته پاڪستان ڪيم ٽيڪ سينٽر جي جلد آپريشنل ٿيڻ جو منتظر آهي.