اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوهلو ۾ دهشتگردن جي خلا?? آپريشن ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ميجر جواد ۽ ڪيپٽن صغير جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد امن جي لاءِ اسان جي ڪوششن کي سبوتاز نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان تع??يت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڪڌن مقصدن جي راهه ۾ وڏي ر??او?? آهن، دهشتگرد امن جي لاءِ اسان جي ڪوششن کي سبوتاز نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف ويڙهه ۾ شهيد ٿيندڙن کي وري قوم سلام ??يش ڪري ٿي.