اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري شاعر، ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم امجد اسلام امجد جي گهروارن ۽ ان جي مداحن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته امجد اسلام امجد پنهنجي عهد جو نظم جو سڀ کان ??ڏو شاعر هو. هن انساني جذبن کي پنهنجي تهذيب ۽ روايت موجب زبان ڏئي امر ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته ذاتي حوالي سان ??و هڪ وڏو انسان ??و. علم ۽ ا??ب سان دلچسپي رکندڙ هر پا??ستاني جي گهر جو هُو فرد هو، سندس لاڏاڻي جو ڏک پا??ستان جي هر شهري جو ذاتي ڏک آهي. هُن شعر ۽ ا??ب جي هر صنف ۾ پنهنجي ص??احيتن ۽ فن کي مڃرايو. وزيراعظم چيو ته سندس لاڏاڻو علم ۽ ا??ب جي شعبي جو وڏو نقصان آهي. وزيراعظم چيو ته امجد اسلام امجد پا??ستان ??يل??ويزن کي وارث، فشار ۽ سمندر جهڙا ڊراما ڏنا، ادب لاءِ سندس خدمتن کي مدتن تائين ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻي سان ??اڪستاني ادب هڪ عظيم ليکڪ ۽ ساعر کام محروم ٿي ويو آهي، وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.