اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن ??ل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيه?? آفيس جي ترج??ان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ڀارتي عملدارن پنهنجي غيرقانوني طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي قبضي هيٺ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ زمين کي هٿيار طور تي استعمال ڪري رهيا آهن. هن سرينگر جي علائقي راج باغ ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ج?? آفيس جي عمارت تي ڀارتي قابض عملدارن پاران تازي حملي جي مذمت ڪندي ان کي بزدلاڻو فعل ۽ والاريل علائقي ۾ سياسي آزادي تي هڪ ٻيو حملو قرار ڏنو. ترج??ان ڀارتي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ان ڪشميري مسلمانن جي بي دخلي بابت چيو ته ڀارت جي ڪجهه رياستن ۾ بلڊورز جو استعمال مسلمانن جي جاين کي مسمار ڪرڻ جو عمل ان کي دهشت زده ڪرڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. پرڏيه?? آفيس جي ترج??ان تصديق ڪئي ته زلزلي کان متاثر ترڪيه ??ان 23 پاڪستاني شهرين کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته هيستائين ڪنهن به پاڪستاني جي جاني نقصان جي اطلاع ناهي آئي. هن چيو ته انهن ??ان 16 ماڻهن کي پاڪستان واپس آندو ويندو ??ڏهن ته باقي کي ترڪيءَ جي شهر استن??ول منتقل ڪيو ويندو. ترج??ان چيو ته هيستائين اسان وٽ ترڪيءَ يا شام ۾ ڪنهن به پاڪستاني جي مارجڻ جي ڪا به خبر نه آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستانين کي گازيانٽيپ يونيورسٽي ??ان ڪڍي اڊيانه شهر رکيو ويو آهي. تباهه ٿيندڙ شهر جيڪو زلزلي جي مرڪز کان اٽڪل 33 ڪلوميٽر پري واقع آهي ۾ زلزلي دوران وڏي جاني نقصان کانسواءِ بنيادي ڍانچي کي به شديد نقصان پهتو. هن چيو ته ترڪيءَ ۽ شام ۾ ملڪي مشنز زلزلي کان متاثر پاڪستانين کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهن.