ماسڪو – 30 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يوڪرين جي تڪرار کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ان تڪرار جا معاشي اثر درپيش آهن، اسان جو پڪو يقين آهي ته سمورن تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪري سگهجي ??و ۽ اهڙيون ڪي رڪاوٽون نه آهن جن تي سفارتڪاري ڪامياب نه ٿي سگهي، روس سان توانائي جي شعبي ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپا ٻطرفن ۽ علائقائي استحڪام جي ??اءِ اهم آهن، پاڪستان روس لاڳاپا پراڻا ۽ ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن روس جي ??ن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي ??وقعي تي پنهنجي روسي ??م منصب سرگئي لاروف سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته روس جي سفارتڪاري جي ??ضبوط روايت تڪرار جي ??رامن حل ۾ مدد ڪندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان روسي ??يڊريشن سان اعليٰ سطحي رابطا جاري رکندو. پنهنجي روسي ??م منصب سان ٿيندڙ ملاقات کان ميڊيا کي آگاهه ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن 7 علائقائي معاملن جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن ۽ پاڪستان روس سان واپار، سلامتي، دفاع، دهشتگر??ي جي خاتمي، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن ثمرقند ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي ??چ ۾ سربراهه ملاقات ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اٺين بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ واپار، معيشت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون تي ڌيان ڏنو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملاقات دوران هن گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمن تي ٻطرفي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستان ۽ روس جي ??چ ۾ افغانستان تي بهتر تعاون آهي ۽ اهي جنگ کان متاثر ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جو هدف حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪ روس توانائي تعاون بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي ??وجوده حڪومت ملڪ جي توانائي جي ضر??رتن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان روس آمريڪا يورپ سان پنهنجي تعاون کي قدر جي ??گاهه سان ڏسي ??و ۽ اهو ته هو مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ تڪرارن جي ??رامن حل تي زور ڏي ٿو، روسي ??رڏيهي وزير سان سمورن شعبن ۾ دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان تڪرارن جو پرامن حل چاهيون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان روس سان واپار، دهشتگر??ي جي خاتمي ۽ عوامي رابطن سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي ??اءِ گرمجوشي موجود آهي، اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه جي ??اءِ دعوت تي روسي ??رڏيهي وزير جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جي ??چ ۾ اٺين بين الحڪومتي اجلاس ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شاندار استقبال تي روسي ??رڏيهي وزير جا ٿورا مڃان ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته سمورن شعبن ۾ روسي ??رڏيهي وزير سان دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستاني معيشت ٻوڏ جي ڪري شديد متاثر ٿي. هن چيو ته روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ان سلسلي ۾ روس سان توانائي جي شعبي ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ان موقعي تي روسي ??رڏيهي وزير سرگئي لاروف پاڪستان سان پنهنجي ??وجي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل مشقن ۽ فوجي تربيت سميت باقاعده فوجي رابطو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته خطي مان دهشتگر??ي جي خاتمي جو سڌوسنئون تعلق افغانستان سان آهي، هن ان مقصد جي ??اءِ شنگهائي تعاون تنظيم خاص طور تي افغانستان بابت ان جي رابطا گروپ جي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. روسي ??رڏيهي وزير پشاور جي ??سجد ۾ دهشتگرد حملي جي ??ذمت ڪندي دهشتگر??ي جي خاتمي لاءِ عالمي تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ته ملاقات دوران هن انساني، ثقافتي ۽ تعليمي رابطا قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. روسي ??رڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي ??اءِ پاڪستان ۽ روس پنهنجون ڪوششون جاري رکندا، غيرجانبداراڻ?? پوزيشن جي حوالي سان پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي، پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان جي توانائي جي ضر??رتن ک?? پورو ڪرڻ جي ??اءِ ڀرپور تعاون ڪنداسين. روسي ??رڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ روس مختلف عالمي فورمن تي گڏيل موقف رکن ٿا، پاڪستان ۽ روس جو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۾ تعاون جي حوالي سان هڪ جهڙو موقف آهي، پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جاري آهي. سرگئي لاروف چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي ??اءِ ٻئي ملڪ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا.