اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چينل 24 نيوز جي رپورٽر سان عوامي مسلم ليگ جي صدر شيخ رشيد احمد جي بدتميزي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جڏ??ن انهن وٽ س??ال جو جوا?? ناهي هوندو ته اهي صحافين تي حملي آور ٿين ٿا، پي ٽي آءِ ۽ سندس اتحادين جي تاريخ آهي ته انهن سدائين صحافين ۽ صحافت جو گلو دٻائڻ جي ڪا به ڪوشش هٿ مان وڃڻ ناهي ڏني. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شيخ رشيد احمد ڄاڻي وٺي ته اڄ هو جتي بيٺل آهي ان ۾ صحافين ۽ ميڊيا جو ا??م ڪردار آهي. هن چيو ته اسان صحافين سان اهڙي قسم جي رويي جي مذمت ڪريون ٿا، شيخ رشيد کي پ??هنجي ان رويي تي معافي وٺڻ گهرجي.