اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي 4 سي??يٽ م??مبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر تدريسي شعبي مان پروف??سر ڊاڪٽر سروش حش??ت لوڌي، پروف??سر ڊاڪٽر محمد خالد انيس ۽ پروف??سر ڊاڪٽر تنوير خالد کي يونيورسٽي جي سي??يٽ م??مبرن جي حيثيت سان مقرر ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سوسائٽي مان شاهد شفيق بطور سي??يٽ م??مبر فيڊرل اردو يونيورسٽي مقرر ڪيو ويو آهي. صدر مقرريون آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ، رولز آف بزنس ۽ يونيورسٽي جي آرڊيننس تحت ڪيون آهن.