اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف آچر ڏينهن 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ شان??ار تقريبون منعقد ڪرڻ تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب جي قيادت هيٺ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي مبارڪباد ڏني آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته زندهه قومون پنهنجي نوجوان نسل کي ڪڏهن به پنهنجي سڃاڻپ وس??رڻ ناهن ڏينديون ۽ هن ڏينهن توهان سڀني ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته هي پيغام عوام تائين پهچي وڃي.