فيصل آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان فيصل آباد جي بازارن، مارڪيٽن، روڊن، واپاري عمارتن، گهٽين، سرڪاري ۽ نيم ??رڪاري عمارتن کي خوبصورتي سان سجائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فيصل آباد جي واپاري بر??در?? ۽ نوجوان وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن. جڏهن ته ضلعي انتظاميا پاران چيو ويو آهي ته ان عظيم ??زادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي واپاري بر??در?? جي شاندار روايتون ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿيون ڪري سگهجن. ٻئي طرف واپاري نمائندن اي پي پي کي آزادي ڏهاڙي جي پروگرامن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته گهنٽا گهر چوڪ جي 8 بازارن سميت ٻين بازارن، مارڪيٽن، سبزي منڊين ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن کي قومي جهنڊن ۽ ٻين خوبصورت شين سان سينگاريو پيو وڃي. هنن ٻڌايو ته اي??دڙ چئن ڏينهن دوران مختلف وقتن ۾ آزادي جا ڪيڪ ڪاٽڻ جون تقريبون به منعقد ڪيون وينديون. جڏهن ته سرڪاري سطح تي ٿين??ڙ تقريبن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي.