اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومن جي تعمير ۾ ادارن جو ڪردار اهم آهي، ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ جديد علم تائين پهچڻ جو ذريعو آهي، علم کي حاصل ڪرڻ جي گهرج ??يز?? سان وڌي رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فيصل ايئر بيس ڪراچي ۾ 35 هين ايئر وار ڪورس جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته دنيا جو هر مسئلو مشاورت سان حل ٿي سگهي ٿو، عزم ۽ جذبي سان قومون ??هنديون آهن، افرادي قوت قومي ترقي جي سيڙهي آهي. هن چيو ته جمهوريت جون علمبردار قومون ??ناهگيرن جي معاملي ۾ غيرسنجيده آهن، تعصب کان مٿانهون ??ي ترقي جون ??نزلون طئي ڪري سگهجن ٿيون، مسلمان امت اخلاقي قدرن تي يقين رکي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي بنا ڪنهن رنگ، نسل جي فرق کانسواءِ مظلومن جي حمايت جاري رکڻي پوندي. ترقي کي حاصل ڪرڻ ۾ انسانيت جو پهلو مٿانهون ??جڻ گهرجي. هن چيو ته قومون حادثاتي طور تي ترقي ناهن ڪنديون، ان جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ??از??ي آهي. مصنوعي ذهانت جهڙي علم سان هم آهنگ ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي. تقريب دوران صدر گريجوئيٽ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. گريجوئيٽ ٿيندڙن ۾ 70 آفيسر ۽ دوست ملڪن جا 18 آفيسر شا??ل آهن جن ۾ سعودي عرب، بنگلاديش، سريلنڪا، انڊونيشيا، ملائيشيا، شا?? ۽ يمن جا به آفيسر شا??ل آهن.