اسلام آباد – 07 R11; مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان ڇنڇر ڏينهن هڪ سي 130 جهاز مزار ??ريف روانو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثر افغانستان جي عوام جي لاءِ هنگامي امدادي سامان موڪليو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب امدادي سامان ۾ تنبو، اٽو، چانور ۽ کنڊ شامل هئا. پاڪستان پاران افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لا??ِ خيرسگالي جذبي طور ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ خوراڪ ۽ عارضي رهائشگاهن جي سامان تي ٻڌل ٻيو جهاز موڪليو ويندو. بيان موجب پاڪستان هڪ پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان افغان عوام جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڪوششن ۾ اهم ڪردار ??دا ڪندو رهيو آهي، اميد آهي ته عالمي برادري به افغانستان ۾ متاثر ماڻهن کي وقت سر امداد ۽ معاشي امداد فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ??دا ڪندي.