اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ بي پناهه قربانيون ۽ خدمتون انجام ڏيڻ تي سمورن پ??رهيتن کي خراج تحسين پ??ش ڪندي چيو آهي ته موجوده چٽاڀيٽي جي دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ افرادي قوت کي جديد ترين فني ۽ پيشيوراڻي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙي طرح علائقائي انضمام ۾ اضافي جي نتيجي ۾ اڀرندڙ معاشي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو، يوم مزدور جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته آئون پ??هنجي قوم پاران انهن پ??رهيت مردن ۽ عورتن کي خراج تحسين پ??ش ڪريان ٿو جنهن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ بي پناهه قربانيون ۽ خدمتون انجام ڏنيون. اهو ڏينهن پاڪستاني افرادي قوت جي طاقت، ڪردار، قابليت ۽ پنهنجي ملڪ جي دنيا ۾ هڪ خوشحال ۽ ترقي پسند قوم بڻائڻ لاءِ لگن جي علامت آهي، هن چيو ته قوم ان??ن سمورن پ??رهيتن جي ٿورائتي آهي جنهن پاڪستان جي ترقي جي عمل ۾ پنهنجو پگهر ۽ رت ڏنو ۽ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، صدر چيو ته ان ڏينهن پاڪستان سمورن پ??رهيتن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ هڪ سازگار ماحول ۽ اعليٰ معيار زندگي فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. پورهيت جي عظمت تي اسان جو يقين پ??رين کان ڪي??رائي ڀيرا وڌيڪ مضبوط آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته صرف هڪ خوشحال ۽ مطئمن افرادي قوت ئي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهي ٿي، مون کي خوشي آهي ته پاڪستان پ??هنجي ليبر فورس جي فلاح ۽ ڀلائي جي لاءِ سماجي تحفظ جي پروگرامن جي ذريعي صحت جي بيمه، خوراڪه، رهائش ۽ مالي امد??د فراهم ڪري ۽ گهٽ کان گهٽ اجرت ۾ اضافو ڪري ڪي??رائي قدم کنيا آهن. صدر عارف علوي چيو ته اڄ جي دنيا انتهائي چٽاڀيٽي واري آهي ۽ اسان جو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو هڪ اهڙي افرادي قوت آهي جيڪا جديد ترين فني ۽ پيشيوراڻي مهارتن سان ليس هجي، پاڪستان کي ??نهنجي افرادي قوت جي مهارت کي ??روان چاڙهڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن علائقائي انضمام ۾ اضافي جي نتيجي ۾ اڀرندي معاشي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي. اسان ان ڳالهه کان به واقف آهيون ته گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سمورن پ??رهيتن کي ??ناسب حق فراهم ڪرڻ جي ڪوشش جي لاءِ مسلسل ڌيان جي ضرورت آهي، هن چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر پوري پاڪستان جي پورهيتن کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ انهن جي مستقبل جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪريان ٿو.