اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ آئيني ترميمي بل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي پيش ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري به ان موقعي تي م??جود هو. پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته ان بل کي سومر تي م??عقد ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزير جي درخواست تي ان ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل کي سومر تي م??عقد ٿيندڙ اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ ??و حڪم ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي جو قيام پاڪستان تح??يڪ انصاف جي م??شور ??و حصو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ميلسي جي عوامي رابطا جلسي ۾ ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل پارليامين?? ۾ ??ڻڻ جو اعلان ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي م??ن آئيني ترميمي بل، قانون واري وزارت جي م??ظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، اڄ وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تح??يڪ انصاف ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي.