اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ?? ازبڪستان جي وچ ۾ ريلوي، سيڪيورٽي، ترجيحي واپاري معاهدي، موسمياتي تبديلي سميت 8 ??فا??مت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم عمران خان ?? ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف پڻ ??فا??مت جي ياداشتن تي صحيحن جي موقعي تي موجود هئا. پاڪستان ازبڪستان ايم او يوز جي حوالي سان جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب ازبڪستان جي قومي ٽيليويزن ۽ ريڊيو ڪمپني ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ ??فا??مت جي ياداشت تي پاڪستان پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين جڏهن ته ازبڪستان جي ثقافت واري وزير اوزود بيڪ نيزابيڪوف صحيحون ڪيون. ازبڪستان جي سياحت ۽ اسپورٽس واري وزارت ۽ پاڪستان جي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي وچ ۾ مذهبي زيار??ن جي سياحت جي فروغ لاءِ ??فا??مت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران مذهبي معاملن واري وف??قي وزير نورالحق قادري جڏهن ته ازبڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزي?? عبدالعزيز ڪاميلوف صحيحون ڪيون. ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ تعاون تي ??فا??مت جي ياداشت تي پاڪستان پاران وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ?? ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي واپار واري وزير سردار عمر زاڪوف صحيحون ڪيون. ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي واپار واري صلاحڪا?? عبدالرزاق دائود پاڪستان جڏهن ته سردار عمر زاڪوف ازبڪستان پاران صحيحون ڪيون. ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ميپ تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستا پاران قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف جڏهن ته ازبڪستان جي سلامتي ڪائونسل واري سيڪريٽري ويڪٽر مخمودوف صحيحون ڪيون. ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ريلوي واري وزارت ?? ازبڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت جي وچ ۾ پڻ ??فا??مت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون. پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سيڪريٽري ۽ چيئرمين حبيب الرحمان گيلاني جڏهن ته ازبڪستان پاران ٽرانسپورٽ واري وزير الخوم مخڪاموف صحيحون ڪيون. تاشقند سٽي ۽ اسلام آباد سٽي جي انتظاميا جي وچ ۾ ??فا??مت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران ايڊمنسٽريٽر ايم سي آئي حمزه شفقات جڏهن ته پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير اوبڪ عثمانوف صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ازبڪستان جي علائقي سرخندريه ۽ پاڪستان جي خيبرپختونخواهه صوبي جي وچ ۾ تعاون تي ??فا??مت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران خيبرپختونخواهه جي صنعت واري سيڪريٽري ذوالفقار علي شاهه جڏهن ته ازبڪستان پاران پاڪستان ۾ ازبڪ سفير اوبڪ عثمانوف صحيحون ڪيون.