اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته اسان کي فڪر آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي، آسٽريا چانسلر ڪارل ني همر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي ۽ ان جي دوري جا منتظر آهيون. آسٽريا جي چانسلر پاران وزيراعظم ??مر??ن خان سان افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ سٺي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان ڪيل ٽوئيٽ جي جواب ۾ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون آسٽريا جي چانسلر کي پاڪستان گهرايو آهي ۽ سندس دوري تي سندس شاندار آجيان جو انتظار آهي. هن چيو ته سڀ ??ان اڳ اسان کي اهو فڪر آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان اترين علائقن جي سياحت جي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون ۽ پاڪ – آسٽريا فاخوشولي (آءِ اي ايس ٽي) جي طرز تي ٽيڪنالاجي جي حصيداري کي اڳتي و??ائ?? جا خواهشمند آهيون.