اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ??ان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران پوليو جي خاتمي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي ساراهيندي چيو ته پاڪست??ن ۾ پوري هڪ سال کان پوليو وائرس جو هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو ۽ صورتحال اميد جوڳي نظر اچي ٿي جڏهن ته ا??ان ان حوالي ??ان قدم جاري رکنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پوليو مهم جو تجربو ڪوويڊ 19 جي وبا دوران تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيو جنهن ۾ پاڪستان غيرمعمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. صدر هلال پاڪستان جو اعزاز حاصل ڪر?? تي بل گيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ايوارڊ انسانيت جي لاءِ ان جي فلاحي خدمتن جي اعتراف ۾ آهي. صدر چيو ته پاڪستان ماءُ ۽ ٻار جي غذائي ضرورتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ احساس جو تمام سٺو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بل گيٽس چيو ته بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران گيسٽرڪ مائيڪرو بايوم تي ڪئي ويندڙ تحقيق ??ان ان سلسلي ۾ ڪجهه چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ مائيڪرو سافٽ ??ان شاندار تعاون جو منتظر آهي. هن چيو ته پاڪست??ن ۾ نوجوانن جو وڏو انگ موجود آهي جيڪو چوٿين صنعتي انقلاب جي گهرجن کي منهن ڏيڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.