اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ميڊيا انڊسٽري ۾ رونما ٿيندڙ تبديليون ان ڳالهه جون گهرجائو آهن ته اطلاعات ??اري وزارت جا آفيسر جديد دور جي ميڊيا چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ لاءِ پا?? کي تيار ڪن. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ 32 هين مڊڪيريئر مينيجمينٽ ڪورس ڊومين اسپيسيفڪ تربيتي پروگرام جي سندون ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ اطلاعات ??اري وزارت جي مختلف ادارن جي سربراهن ۽ زير تربيت آفيسرن کانسواءِ ميڊيا ماهرن ۽ اسلام آباد جي مختلف يونيورسٽين جي پروفيسر صاحبان شرڪت ڪئي. اطلاعات ??اري سيڪريٽري چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا انڊسٽري تيزي سان وڌي ويجهي رهي آهي، خاص طور تي سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا عام ماڻهن تائين اطلاعن جي پهچ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته اطلاعات ??اري وزارت جا آفيسر محنت سان ڪم ڪندا پيا اچن تنهن هوندي به ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته وزارت جا آفيسر سمورا ضروري تربيتي ڪورسز ۾ خوشي سان شريڪ ٿين ڇو ته اهي ئي ڪورس انهن جي صلاحيتن ۾ نکار پيدا ڪندا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته هڪ مهيني جي ان تربيتي پروگرام ۾ آفيسرن کي ميڊيا قانونن ۽ انتظامي معاملن ۾ دسترس سان گڏوگڏ ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي سمورن ضروري معاملن بابت آگاهي ڏني وئي آهي جنهن جي لاءِ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. ڊائريڪٽر انفارميشن سروس اڪيڊمي غزاله امبرين تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ڪورس جي انعقاد جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، تقريب جي آخر ۾ ڪورس ۾ شريڪ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سندون ۽ شيلڊ ورهايون ويون.