اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي راند??ن جي پروگرام ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جو افتتاح اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪندو. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪامياب جوان پروگرام ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي حصيداري سان نوجوانن کي غيرنصابي ۽ راند??ن جي سرگرمين ۾ مصروف رکڻ جي لاءِ چار ارب رپ??ن جا 4 نوا?? منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جهڙو ميگا پراجيڪٽ پڻ شامل آهي. پ??ڪس??ان جي مقامي ٽيلنٽ کي عالمي سطح تي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ منصوبي جي پهرين فيز ۾ 12 رانديون بشمول هاڪي، ڪرڪيٽ، فٽ بال، هينڊ بال، ريسلنگ، ويٽ لفٽنگ، اسڪواش، والي بال، اسڪي، جوڊو، باڪسنگ ۽ ايٿليٽڪس شامل آهن. مهم ۾ سڄي ملڪ ۾ 11 کان 25 سالن جي نوجوانن بشمول عورتن جي لاءِ راند??ن جا موقعا منعقد ڪيا ويندا. راند??ن جا اهي مقابلا ملڪ جي سمورن صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 25 علائقن ۾ منعقد ڪيا ويندا ۽ هڪ ڪروڙ نوجوانن کي سليڪشن جي عمل مان ??ذا??يو ويندو. راندين ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ نوجوانن کي عالمي معيار جي پيشيواراڻي تربيت ڏني ويندي.