اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ عورتن ۽ نوجوانن جي شرڪت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ڪري پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، ملڪ ۾ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊيجيٽل خال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندي جنهن سان ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل تعاون تنظيم (ڊي سي او) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل ويمه اليحييٰ جي قيادت ۾ ايوان صد?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آءِ ٽي وارو سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت پڻ ان موقعي تي موجود هو. صد?? چيو ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ڪري پاڪستاني آءِ شعبي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، آءِ ٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. صد?? چيو ته عورتون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهن ٿيون، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جو پروگرام ڊيجي اسڪلز هيستائين 10 لک نوجوانن کي تربيت ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊجيٽل خال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. صد?? ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿيندي جنهن جي نتيجي ۾ ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. صد?? عارف علوي چيو ته ڊي سي او ڊيجيٽل تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل تجربن مان سکڻ جي لاءِ بهترين پليٽ فارم آهي. ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان کي تنظيم جو ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ڊي سي او ??اڪستان کي آءِ ٽي شعبي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ دلڪش ملڪ طور پيش ڪندي، ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ڊيجيٽل تعاون تنظيم پاڪستان کي ڪلائوڊ سروسز جي فراهمي ??ند?? ملڪ طور اجاگر ڪندي ۽ عورتن ۽ نوجوانن کي ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندي رهندي. هن چيو ته ڊي سي او عورتن ۽ نوجوانن کي نوڪريون ڳولڻ بدران نوڪريون پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندي.