اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زرعي منصوبابندي ۾ معاونت، معياري ٻج، جديد زرعي مشينري ۽ آسان قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ?? شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ زرعي شعبي جي ترقي تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، پنجاب جي ز??اع?? واري صوبائي وزير سيد حسين جهانيان گرديزي ۽ لاڳا??يل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. وزي??اع??م چيو ته حڪومت ز??اع?? جي شعبي جي مڪل صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زرعي منصوبابندي ۾ معاونت، معياري ٻج، جديد زرعي مشينري ۽ آسان قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ?? شامل آهي، حڪومت آبادگارن جي معاونت سان ايندڙ سالن ۾ زرعي جنسن جي پيداوار ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ وزي??اع??م گوجرانوالا ۽ اوڪاڙه جي ضلعن ۾ زرعي شعبي جي ترقي لاءِ بئنڪنگ سيڪٽر جي ترقياتي مالياتي پروگرام کي ساراهيو. اجلاس ۾ وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته جي ڊي پي ۾ 19 سيڪڙو حصي سان گڏ زرعي شعبو تمام وڏي پئماني تي مينوفيڪچرنگ (ايل ايس ايم) يونٽس جي لاءِ خام مال فرا??م ڪري ٿو، مجموعي ط??ر تي قومي معيشت ۾ ز??اع?? جو اٽڪل 60 – 65 سيڪڙو حصو آهي. وزي??اع??م لاڳا??يل عملدارن کي هدايتڪئي ته اهي آبادگارن جي بنيادي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ انهن جي فصل جي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ سهولت فرا??م ڪرڻ تي ڌيان ڏين.