اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاريان مو??روي ج?? پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم منصوبي ج?? پيڙهه جو پٿر رکيو. ان مو??عي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد ۽ مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاريان مو??روي منصوبي جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. 69 ڪلوميٽر تي ٻڌل سيالڪوٽ – کاريان مو??روي منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٻن سالن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سيالڪوٽ – کاريان مو??روي سمبڙيال انٽرچينج کان شروع ٿئي ٿي ۽ سيالڪوٽ ۽ گجرات جي ضلعن ۽ جلالپور جٽان، گجرات، لالا موسيٰ، دولت نگر شهرن جي ويجهو کان گذري ٿي جنڊ شريف وٽ ختم ٿئي ٿي. ان مو??روي جي پڄاڻي کاريان جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل 11 ڪلوميٽر 7 قومي شاهراهه (اين 5) کان اٽڪل 9 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٿئي ٿي. 4 ل??ن جي ان مو??روي تي 5 انٽرچينج??، هڪ سروس ايريا ۽ 2 ٽول پلازا تعمير ڪيا ويندا. ان منصوبي ج?? پي سي ون جي لاڳت 32.103 ارب رپيا آهي ۽ ان کي 2 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سيالڪوٽ (سمبڙيال) کاريان مو??روي جي تعمير ۽ مڪمل ٿيڻ سان علائقي جي عوام کي جتي سموريون بنيادي سفري سهولتون ملنديون اتي انهن کي روزگار جا مو??عا پڻ ملندا ۽ اهي خوشحال ٿي ملڪي ترقي تي وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي قابل ٿي سگهندا. سيالڪوٽ راند??ن جي مصنوعات جي تياري جي حوالي سان پوري دنيا ۾ شهرت رکندڙ شهر آهي. ڄاڻايل مو??روي جي تعمير سان انهن مصنوعات جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ چرپر ۾ مدد ملندي جنهن سان ملڪ جي ترقي ۾ هڪ ٻئي سنگ ميل جو اضافو ٿيندو.