صوابي– 05 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چي?? آهي ته 7 ڏهاڪا گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميري?? جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي، عالمي ادارا ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺن پاڪستان دنيا ۾ تيزي سان ماحولياتي تبديلين کان متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، خيبرپختونخو?? حڪومت ۾ وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ بلين ٽري سونامي منصوبي جو آغاز ڪيو ويو، بلين ٽري سونامي منصوبي مان 3 لک 50 هزار ايڪڙ زمي?? جي واڍي کي روڪيو ويو. جامع صوابي ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ اسپيڪر ??وٽ?? لڳايو. ان موقعي تي اسپيڪر چي?? ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي جو اعتراف عالمي اداران ڪيو. خيبرپختونخوا دنيا جو واحد صوبو بڻجي ويو آهي جنهن ”بون چئلينج“ وقت کان پهرين مڪمل ڪيو. هن چي?? ته عوام کي درخواست ڪريان ٿو ته وزيراعظم جي ويزن موجب ”بلين ٽري سونامي“ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ته جيئن پنهنجي ٻارن ۽ ايندڙ نسلن کي هڪ سرسبز ۽ صاف پاڪستان ڏئي سگهون. هن چي?? ته اڄ 5 آگسٽ استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي ڀارت جي غير آئيني ۽ غير انساني قدم?? جي پرزور مذمت ڪريان ٿو. وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان حڪومت پنهنجي مظلوم ڪشميرين ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وزيراعظم عمران هر فورم تي مظلوم ڪشميري?? جي لاءِ آواز اٿاريو آهي.