اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته هائوسنگ جي منص??بن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن عوام جي لاءِ ذاتي ۽ گهٽ لاڳت واري ڇت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي قومي هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي ??دا??ت ڪندي ڪيو. نئين پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي ??يدر هائوسنگ، تعيمرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي فورم تان ٽيڪس مراعتن، بئنڪ فنانسنگ، مارڪ اپ سبسڊي، سهولتڪاري رجيم ۽ فور ڪلوزر قانونن جي ڏس ۾ برآمد ٿيندڙ حوصل?? جوڳن نتيجن تي بريفنگ ڏني ۽ حڪومتي ۽ نجي شعبي جي هائوسنگ تعميراتي منص??بن ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي ??ان اجلاس کي آگاهه ڪيو.