پشاور – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي کلي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي سڌو س??ئون ڏيکاريو وڃي، پارٽي سربراهن کي به ويهاري ڪيس ٻڌڻ گهرجي، ڪيترائي ملڪ مخالف ڌر پارٽين جي فنڊنگ ڪندا رهيا آهن پر لاڳاپن جي ڪري انهن ملڪن جا نالا نٿو وٺي سگهان. ڏکڻ وزيرستان ??انا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس کڻڻ تي مخالف ڌر جو ٿورائتو آهيان، اهو سڀ سامهون اچڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف ۽ مخالف ڌر پارٽين جي فنڊنگ ڪٿان کان ??يندي رهي، ڪيترائي ملڪ مخالف ڌر پارٽين کي پئسا ڏيندا رهيا، انهن ملڪن سان ??اڳاپن جي ڪري آئون نالا نٿو ٻڌائي سگهان، هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي کلي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي سڌو س??ئون ڏيکاريو وڃي، پارٽي سربراهن کي به ويهاري ڪيس ٻڌڻ گهرجي، ان ڪيس سان سڄي قوم کي خبر پوندي ته ڪنهن هن ملڪ ۾ ٺيڪ طريقي سان ??ئسو گڏ ڪيو.