اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا لاڳاپا دن??ا جي لاءِ هڪ مثال آ??ن، ٻنهي دوست ملڪن جا لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي هموار آهن. ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آ??ن، چين ۽ پاڪستا?? علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکندڙ آهن ۽ ٻنهي دوست ملڪ?? علائقائي۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.